ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) نيب ڪراچي جي احتساب عدالتن ۾ ججن جي کوٽ سبب رولڙي جو شڪار ريفرنس/ ڪيس  فعال عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي  ريفرنس موڪلي ڇڏيو، جنهن تي سنڌ ھاءَ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ڪيسن جي منتقلي لاءِ عدالتي حڪم ڪيئن جاري ڪريون؟ ٻڌايو وڃي ته اسان کي ڪهڙي قانون تحت ڪيس منتقل ڪرڻ گهرجن، عدالت رجسٽرار کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، واضح رهي ته  نيب ريفرنس  ۾ چيو ويو آهي ته خالي پيل عدالتن ۾ پيل ڪيس فعال عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي 10 مان 6  احتساب عدالتون جج نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي مهينن کان خالي پيل آهن، سالن کان  احتساب عدالتن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جا ڪيس ٻڌڻي ھيٺ آھن.