روهڙي (ن پ ا) صالح پٽ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت 7 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار ڪيل پنج جوابدارن کي روهڙي جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدارن ۾ رضا شاھ، جميل شاھ، غلام اڪبر مڱريو، جانب ميراڻي، غلام مصطفي ميراڻي شامل آهن، عدالت پوليس جي ريمانڊ واري استدعا منظور ڪندي جوابدارن کي 7 ڏينهن جي لاءِ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو…….