اجمل ساوند جو قتل، قبائلي سوچ ۽ ذات پرستي

0
636
اجمل ساوند جو قتل، قبائلي سوچ ۽ ذات پرستي

 ڪُجھ عرصو اڳ جيڪب آباد جي ڪچي واري علائقي ۾ سکر آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند جي قبائلي بدلي طور بيدرديءَ سان قتل سنڌ ۾ سوين سالن کان موجود قبائليت، جاگيرداري نظام، سرداري نظام ۽ ذات پرستيءَ جي موضوع تي اخبارن ۾، اوطاقي ڪچھرين ۾، سماجي رابطي وارين ويبسائيٽس جھڙوڪ فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر تي وڏو علمي بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي. پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي سنڌ جي شعور جو قتل سڏيو ويو ۽ سنڌ اندر موجود قبائلي نظام، جاگيرداري نظام، وڏيراشاھي ۽ سرداري نظام کي انھيءَ قتل جو ذميوار قرار ڏنوويو. انھيءَ ڳالھ ۾ ڪوشڪ نه آھي ته ھن ايڪيھين صديءَ ۾ به سنڌ اندر ڪافي علائقن ۾ اڄ به فرسوده ۽ بدبودار قبائلي ۽ سرداري نظام رائج آھي، جنھن ۾ صرف ذات جي بنياد تي اجمل ساوند جھڙا بيگناھ قتل ڪيا وڃن ٿا، جن جو ھلندڙ قبائلي تڪرارن سان پري پري جو به واسطو نه ھوندو آھي.

                 قبائلي ذات پرستي واري نظام جون پاڙون سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي جوڙجڪ ۾ ايتريون گھريون آھن، جواسان وٽ اڄ به ”ذات“ سُڃاڻپ جو وڏي ۾ وڏو اھڃاڻ بڻيل آھي. مسئلو ايتروسادو نه آھي،جيئن ڪُجھ دوست پيش ڪن پيا. آئون وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ چڱ مڙسن جي حڪومتي ۽ رياستي سرپرستي کي ھن مسئلي جو ھڪ اھم سبب ضرور سمجھان ٿو پر منھنجي حساب سان ھن مسئلي کي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي رخن سان ڏسڻ بنا مسئلي جو صحيح معنيٰ ۾ تدارڪ ممڪن نه آھي. موجوده عدالتي نظام، سنڌ پوليس، رياستِ پاڪستان، سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ تي ھن سلسلي ۾ تنقيد بلڪل جائز ۽ برحق آھي. پر قبائليت جي مسئلي کي وڌيڪ گھرائيءَ سان تاريخ جي تناظر ۾  ڏسڻ جي ضرورت آھي.

قبائلي نظام جو بنياد قبائلي سوچ آھي، جيڪا انسانن کي پنھنجن ۽ پراون ۾ ورھائي ٿي ۽ ھر قدم تي پنھجن ماڻھن کي حقون ناحقون ٻين تي فوقيت ڏيڻ تي آماده ڪري ٿي. ڏسجي ته اسانجي معاشري ۾ اھڙي سوچ ھر سطح تي موجود آھي. اسان وٽ فيصلا ميرٽ ۽ انصاف جي اصولن تحت نه بلڪـه انھيءَ حساب سان ٿيندا آھن ته، ڪير اسانجو پنھنجو آھي ۽ ڪير پرايو.ڪيرڪيترو ويجھوآھي، انھيءَ بنياد تي ئي ھن کي ٻين تي فوقيت ملندي آھي.بيشڪ اھڙِي قبائلي سوچ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ۽ ڪنھن حد تائين دنيا جي ٻين هنڌن تي به ملي ٿي پر جنھن نموني سان انھي قبائلي سوچ جو اظھار ھر سطح تي سنڌ ۾ ملي ٿو، اھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سنڌ ۾ جيئن ذات ھرعام و خاص ماڻھو جي نانءُ سان ڳنڍيل ھجي ٿي، ائين ٻيو ڪٿي ڪونھي.ننڍن ننڍن ڪمن کان ويندي وڏن وڏن ڪمن لاءِ مٽي مائٽي ۽ تعلق جي بنياد تي جيڪو سلسلو سنڌ ۾ ھلي ٿو،ٻئي ڪنھن به صوبي ۾ ائين نه آھي. سنڌ ۾ جيئن ذات جي بنياد تي ڪليري ۽ اڄڻ، جاگيراڻي ۽جتوئي يا سندراڻي ۽ ساوند تڪرار ۾ ھڪٻئي جي ڳوٺن تي حملا ٿين ٿا ۽ بيگناھ ماڻھو ماريا وڃن ٿا، ائين ڪنھن ٻئي صوبي ۾ نه ٿو ٿئي. سو اسان کي سمجھڻو پوندو ته سنڌ ۾ آخر ڇو ائين ھر سطح تي قبائلي سوچ وڏي طاقت سان موجود نظر اچي ٿي.

تاريخي طور تي دُنيا ۾ قومپرستي اھو جذبو رھيوآھي،جنھن ذات پرستي ۽ قبائليت جي جذبي کي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ ٽرائبلزم ڪوٺيو وڃي ٿو، تنھن کي ماٺي ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيوآھي. ڇو ته قومپرستي انسانن ۾ ذات پرستيءَ کان مٿي ٿي ڪري. قوم ۽ وطن لاءِ سوچڻ ۽ جان تائين قربان ڪرڻ جو جذبوجاڳائي ٿي. ماڻھو ذات جي بنياد تي سوچڻ بجاءِ قوم لاءِ سوچين ٿا ۽ ائين ذات پرستي جي جڳھ قوم پرستي والاري ٿي. قوم پرستي کان علاوه مذھب ھڪ ٻي طاقت آھي، جيڪا ماڻھن ۾ ذات کان اوچو ٿي ڪري، مذھب جي بنياد تي مذھبي ڀائيچاري ۽ مساوات جا جذبا جاڳائي ٿي. سيڪيولرزم، جمھوريت ۽ انساني حقن جي تحريڪن وري مذھب ۽ قوميت کانبه مٿانھون ٿي ڪري، انسان برابريءَجي بنياد تي معاشري کي قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. ائين آھستي آھستي دنيا ۾ قبائليت جو اثر گهٽيو ۽ انساني برابري ۽ مساوات جي جذبي پبھنجي جڳھ ٺاھي.

سنڌ ۾ به اھي سڀ نظريا مختلف وقتن ۾ آيا، قبائلي سوچ سان ڪٿي وڙھيابه پر قبائلي سوچ کي سڌو چئيلنج ڪرڻ بجاءِ اڪثر قبائليت جو اثر قبول ڪيو، جنھن جي ڪري قبائليت اڄ به سنڌ ۾ مضبوط آھي. جھڙوڪ، 1970ع جي چُونڊن ۾ سنڌ جي عوام قبائلي وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي رد ڪري پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ ڏنو پر 1977ع جي چونڊن کان پوءِ وڏيرا پيپلزپارٽيءَ جي رستي ئي واپس اچي ويا. اھڙي طرح جمھوريت قبائليت کي ڪو خاص نقصان نه ڏئي سگهي. نتيجو اھوآھي جو اڄ جمھوريت ۾ به قبائليت جو عنصرتمام گهڻونمايان آھي. چونڊن ۾پارٽيون ٽڪيٽ سياستدانن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي نه بلڪـه خانداني اثر رسوخ جي بنياد تي ڏين ٿيون ۽ اڄ به تمام گهڻين سيٽن تي عوامي ووٽ به پارٽي کان وڌيڪ خانداني ووٽ ھجي ٿو.

سنڌ ۾ قومپرستي جونظريو 1960ع جي ڏھاڪي کان وٺي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود رھيوآھي. جيتوڻيڪ قومپرست پارٽيون تاريخي طور تي چونڊن ۾ سنڌ اندر ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھيون آھن پر سنڌ جي فڪري ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ قومپرستي ھڪ تمام طاقتور نظريي طور موجود رھيو آھي. پوءِ سوال اھو آھي ته آخر قوم پرستيءَ جي ايتري طاقتور ھجڻ باوجود قبائليت ڇو ڪمزور نه ٿي سگهي آھي.

دُنيا ۾ قومپرستيءَ جي نظريي جي تاريخ اھو ٻڌائي ٿي ته جتي جتي قوم پرستيءَ جي بنياد نسلي يعني انگريزي ۾ ايٿنڪ بنيادن تي پيل آھي، مثال طور، اوڀر يورپجي ملڪن جھڙوڪ، پولينڊ، سربيا وغيره، اتي قبائلي سوچ اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ تمام طاقتور طريقي سان موجود آھي ۽ جتي جتي قومپرستي جمھوريت، سيڪيولرزم ۽ انساني برابريءَ جھڙن اصولن مطابق شھريت يعني انگريزيءَ ۾ سوڪ اصولن جي بنياد تي رکيل آھي. مثال طور اولھ يورپ جا ملڪ جھڙوڪ، فرانس، اٽلي ۽ برطانيا وغيره اتي قبائلي سوچ ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي آھي. ڇو تـ نسلي بنيادن تي وجود رکندڙ قوم پرستي پنھنجي خمير ۾ قبائلي سوچ واري ھجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اھڙي قوم پرستي نسل جي بنياد تي پنھجي ۽ ڌاريي جو فيصلو ڪري ٿي نه ڪي شھريت جي بنياد تي.

منھنجي نظر ۾ سنڌ جو به ساڳيو مسئلو آھي، ھتي اسانجي قوم پرستي جي بنياد به گهڻي حد تائين نسلي بنيادن تي رکيل آھي، جنھن ۾ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻ لاءِ سن آف سوائل ھجڻ لازمي سمجهيووڃي ٿو.آمريڪا، يورپ وغيره ۾ رھندڙ ھندو سنڌي، جنھن سنڌ جي شھريت هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏي آھي، ان کي ته سنڌي قوم جو حصوسمجهيو وڃي ٿو پرڪيترن پيڙھين کان سنڌ جي مستقل شھري طوررھندڙ پنجابين، مھاجرن ۽ بلوچن کي سنڌي قوم جو حصو نه ٿو سمجهيو وڃي. جيترو اسانجي قوم پرستي نسلي کان شھريت طرف مائل ٿيندي اوترو ئي قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڇو ته جيستائين قوم پرستي نسلي بنيادن تي قائم رھندي، تيستائين اھا ذات پات جي مسئلن ۾ جڪڙيل رھندي ۽ قبائلي سوچ کي ختم ڪرڻ بدران انھي کي ويترمضبوط ڪرڻ جوسبب بڻبي.ڪينيڊا جي پروفيسر انا ٽراءِانڊافليڊوجديد قومپرستي کي ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿي. ھڪ پليورل نيشنلزم يعني جامع قوم پرستي، جيڪا قومن جي گهڻائي تنوع، جنھن کي انگريزي ۾ ڊائورسٽي ڪوٺجي ٿو، کي پاڻ اندر سموئڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ٻيوقسم نيوٽرائبل نيشنلزم، يعني نئين قبائلي قومپرستي آھي، جنھن ۾ تنوع يعني ڊائورسٽي کي مڪمل رد ڪيو وڃي ٿو۽ قوم جو جامد تصور پيش ڪيو وڃي ٿو. ھِي قوم پرستي نئين آبادڪاريءَ کي مڪمل رد ڪري ٿي ۽ ان خلاف منظم محاذ جوڙي نفرت جو ڪاروبار ڪري ٿي.

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، پوين ڪجھ ڏھاڪن ۾ سنڌ اندر اھا نئين قبائلي قوم پرستي وڌيڪ مضبوط ٿي آھي. سنڌ ۾ قبائليت جو خاتمو تڏھن ئي ممڪن ٿيندو، جڏھن سنڌ نسلي ۽ نئين قبائلي قوم پرستي جي سوچ کان اڳتي وڌندي ۽ جامع شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ڏانھن وک وڌائيندي. سنڌ جو آجپو ۽ پائيدار امن به سڀني شھرين وچ ۾ مساوات ۽ ڀائيچاري سان ئي ٻڌل آھي، جيڪو صرف جامع شھريت جي بنياد تي قوم پرستي ۾ ئي ممڪن آھي.منھنجي ناقص راءِ ۾ جي اسان واقعي سنڌ اندر قبائليت جي خاتمي لاءِ سنجيده آھيون ته اسان کي ھر سطح تي قبائلي سوچ کي نندڻ گُهرجي.