اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر قومي اسيمبلي جو اجلاس هفتي ۾ رڳو 3 ڏينهن ڪرڻ ۽ اجلاس رڳو ٻن ڪلاڪن تائين هلائڻ واري فيصلي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسپيڪر اسد قيصر انوکو اعلان ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جو جيڪو به ميمبر اجلاس ۾ اچڻ نه چاهي ته ان لاءِ گيٽ نمبر هڪ ٻاهران حاضري رجسٽرڊ رکيو ويو آهي، جنهن تي هو صحيح ڪري اتان ئي واپس وڃي سگهي ٿو، صحيح ڪرڻ سان اهو ميمبر اجلاس ۾ حاضر تصور ٿيندو، نواز ليگ جي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڇا اسان قومي اسيمبلي روز ۽ مڪمل هفتو نه ٿا ڪري سگهون؟ اجلاس ٻن ڪلاڪن بجاءِ 4 ڪلاڪن تائين نه ٿو هلي سگهي، اهڙا فيصلا ڪري ڇا اسان عوام سان انصاف ڪريون پيا؟ ان کان ته بهتر آهي ته پوءِ ايوان کي بند ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي سيد نويد قمر چيو ته مشاورت سان فيصلا ٿيڻ گهرجن، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر مخالف ڌر جي اعتراض تي سومر ڏينهن هڪ وڳي بزنس ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي اجلاس بابت مخالف ڌر جي مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا.