مورو (ن پ ا) مورو ويجھو فيڪٽري جي مزدورن پاران اجرت نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي پورهيتن  دانهيندي چيو ته اسان  وڏي عرصي کان فيڪٽري ۾ پورھيو ڪري رھيا آھيون پر اسان کي جائز حق نہ ٿا ڏنا وڃن، هنن چيو ته  حڪومت طرفان پورھيتن جي 25000 ھزار اجرت مقرر ڪئي وئي آهي پر  اسان ھن وقت بہ 11000 ھزار رپيا پگھار کڻي ڪم ڪري رھيا آھيون، مهانگائي سبب پريشان آهيون، نوٽيس وٺي اجرت وڌائي وڃي.