مٺي/ڪلوئي (نمائندن وٽان) ڪلوئي لڳ جرڳي بعد واپس ڪرايل مغوي ناري گلشانه سومرو پاران انصاف نه ٿيڻ تي زهر پي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ واري مامري جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران نوٽيس وٺڻ بعد  ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 2 ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻنديون، جڏهن ته انصاف نه ملڻ تي زهر پي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ ناري گلشانه سومرو جي ڀاءُ پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار عطاءُ الله چانڊيو ۽ ذاڪر چانڊيو منهنجي ڀيڻ کي رڻ شاخ تان پاڻي ڀرڻ دوران اغوا ڪري ويا ۽ 5 ڪلاڪ انهن وٽ هئي،  ٻن ٽن هنڌن تان گهمائي ڦيرائي جوابدار ڀيڻ کي واپس ڇڏي ويا، ٻئي طرف وري ڪلوئي پوليس پاران جرڳو ڪندڙن ۽ بااثر جوابدارن کي ايف آءِ آر مان بچائي ڇڏيو آهي، صرف 2 جوابدارن کي نامينيٽ ڪرڻ بعد 2 جوابدار کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي،ناري جي ڀاءُ زاهد سومرو ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ کي جوابدار عطاءُ الله چانڊيو ۽ ذاڪر چانڊيو سميت 2 ٻيا جوابدار کڻي ويا هئا، جڏهن ته ڳوٺ کان 4 ڪلو ميٽر پري ڇڏي ويا، جڏهن ته فوتي ناري گلشانه جو تڏو مهراڻ سومرو نئون ڪوٽ بائي پاس تي رکيو ويو آهي جتي سياسي سماجي ڌرين پهچي تعزيت ڪئي. ان سان گڏ شهيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائيزيشن جو صدر علي محمد سومرو پنهنجي وفد سميت پهتو ۽ واقعي جي معلومات ورتي وارثن کي هر قانوني مدد جي يقين دهاني ڪرائي. هوڏانهن  ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي دعويٰ ڪئي آھي ته اغوا ۽ گينگ ريپ بعد خودڪشي ڪندڙ 17 سالن جي نينگري گلشانه ڌيءُ سومار سومرو سان پيش آيل واقعي جو 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مک 2 جوابدارن ذاڪر چانڍيو ۽ طاهر چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽  نينگري جي ڀاءُ زاهد احمد سومرو پاران داخل ڪرايل  ڪيس ۾ وڌيڪ 2 جوابدارن کي نامعلوم ڏيکاريو ويو آھي، انهن جي ڳولا ۾ پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري رهي آھي.