لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي مبينه ٽئين زال کان پوءِ نُنهن کي به اثاثن ۾ واڌ سبب ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير جي ننهن جي اثاثن ۾ تمام گهڻي واڌ جي معاملي تي ايف آءِ اي جو فنانشل مانيٽرنگ يونٽ حرڪت ۾ اچي ويو. جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊائريڪشن تي ايف آءِ اي پرويز الاهي جي ننهن (مونس الاهي جي گهر واري) کي طلب ڪري ورتو. مونس الاهي جي گهر واري جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ ان جي نالي تي پراپرٽي ۾ هلندڙ دور دوران اربين روپين جو اضافو ٿيو آهي جنهن تي ايف آءِ اي مونس الاهي جي گهر واري کي ٽمپل روڊ آفيس ۾ طلب ڪري ورتو جڏهن ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ طرفي ڪارروائي جو به اشارو ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري سائره انور کي به ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپين جي رقم جمع ٿيڻ جي رپورٽ ملڻ کان پوءِ وفاقي جاچ اداري سائره انور جي خلاف جاچ شروع ڪندي کيس 3 جنوري تي طلب ڪيو هو. ٻئي طرف پرويز الاهي جو ٻيو پٽ راسخ الاهي ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيو کانئس ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇاڻو ڪيو ويو ۽ سوالن جا جواب ورتا ويا. کي سوال ڏنا ويا آهن جن جا جواب وڪيل وسيلي ڏندو. هن چيو ته رڪارڊ جمع ڪرايو ويو آهي وڌيڪ تفصيل به فراهم ڪندس، مٿس پنجاب اسيمبلي جي ملازم ذريعي رقم منتقل ڪرڻ جو الزام آهي.