اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، پاڪ فوج جو لانس نائڪ به شهيد

0
277
اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي
اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، پاڪ فوج جو لانس نائڪ به شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو لانس نائڪ به شهيد ٿي ويو آهي

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ضياءُ الله طور ٿي آهي

فائرنگ ۾ چارسده سان تعلق رکندڙ لانس نائڪ زاهد احمد به شهيد ٿي ويو، مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ آيو