اتر وزيرستان ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن وڙهي پيا، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
356

ميران شاهه (ڊيسڪ رپورٽ) اتر وزيرستان ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا، اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي حسو خيل ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عصمت الله مارجي ويو، جڏهن ته واسد ۽ حامد عزيز زخمي ٿي پيا، اطلاع تي علائقي ۾ پوليس پهچي وئي، جنهن لاش ۽ زخمين کي مير علي شهر جي ٽي ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.