اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، هڪ اهلڪار شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا

0
283
اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن
اتر وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، هڪ اهلڪار شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

آءِ ايس پي آر  موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويو، شهيد سپاهي ناصر خان جو تعلق ڏکڻ وزيرستان سان آهي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا

ھي به پڙھندا

اسلام آباد يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن کي تنگ ڪرڻ وارا واقعا: ڊاڪٽر قادر مگسي جو سراج الحق سان رابطو

نون صوبن بابت جوڙيل ڪميٽي کي صلاح ڏيندس ته سنڌ بابت نه سوچي: مخدوم جميل الزمان

سنڌ يونيورسٽي جي کنڀيل 4 شاگردن جي گرفتاري ظاهر