ميران شاهه (م ڊ)  اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي اهلڪارن اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن ۽ فورسز ۾ فائرنگ جي شديد ڏي وٺ ٿي، فائرنگ دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيا ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو.