دبلن (م ڊ) اتر آئرلينڊ ۾ پرتشدد مظاهرا، باهيون، پوليس تي حملا، 55 اهلڪار زخمي ٿي پيا. اتر آئرلينڊ ۾ صورتحال بي قابو ٿي وئي، مظاهرين پوليس تي پيٽرول بمن ۽ پٿرن سان حملو ڪري ڏنو، پوليس پاڻي جون توپون هلائي جواب ڏنو، نين واپاري رڪاوٽن خلاف هڪ هفتي کان هلندڙ فسادن جو تعداد 55 ٿي ويو آهي، برطانوي وزيراعظم ۽ وائيٽ هائوس مظاهرين کان تشدد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.