راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ  دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. جنهن جي سڃاڻپ ضياءَ الله طور ٿي آهي جنهن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو وي آهي. آءِ ايس پي آر موجود فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چارسده سان واسطو رکندڙ لانس نائيڪ زاهد احمد شهيد ٿي ويو آهي.