اتحادي سرڪار ۾ قيمتن کي پر لڳي ويا: 20 ڪلو اٽو 513 ۽ اڍائي ڪلو گيهه 232 رپيا مهانگو

0
428
اتحادي سرڪار ۾ قيمتن کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي خلاف مارچ ڪري اقتدار ۾ آيل پي ڊي ايم سرڪار جي پنهنجي 10 مهينن جي حڪومتي مدي ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

عمران خان جي حڪومت جي آخري هفتي 7 اپريل 2022ع تي 20 ڪلو اٽي جي قيمت 1172 رپيا هئي ۽ هن حڪومت ۾ 513 رپيا اضافو ٿي 1686 رپيا قيمت ٿي وئي آهي پر لوڪل دڪانن  مارڪيٽن ۾ اٽي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، ڪي ڪٿي ته 20 ڪلو اٽي جي قيمت 24 سئو کان وڌيڪ هلي رهي آهي

عمران دور ۾ گيهه في ڪلو قيمت 474 رپيا هئا، هن حڪومت ۾ 118 رپيا اضافو ٿي 592 رپيا ٿي وئي، عمران دور ۾ اڍائي ڪلو گيهه جي قيمت 1210 رپيا هئيMoong pulse price hits all-time high - Business - DAWN.COM

232 رپيا اضافو ٿي قيمت 1443 رپين تي پهچي وئي. عمران دور ۾ چڻن جي دال جي قيمت في ڪلو 165 رپيا هئي جيڪا 94 رپيا اضافي سان 260 رپين تائين پهچي آهي، دال مسور في ڪلو قيمت 63 رپيا اضافي سان 217 رپين مان وڌي 280 رپين تي پهتي، دال ماش جي قيمت 146 رپيا مهانگي ٿي 269 رپين مان وڌي 415 تي پهتي

390 گرام خشڪ کير جي قيمت 152 رپيا وڌي 523 رپين مان 675 رپين تي پهتي، انڊن جو درجن 147 رپيا مهانگو ٿيو ۽ قيمت 130 رپين مان وڌي 277 رپين تي پهچي وئي، 190 گرام جي چانهه جي قيمت ۾ 154 رپين جو اضافو ٿيو قيمت 258 رپين مان وڌي 413 رپين تي پهتي

زنده مرغي جي قيمت 179 رپيا وڌي 267 رپين مان وڌي 446 رپين تي پهتي، عمران حڪومت ۾ بصر 62 رپيا ڪلو هئا، 10 مهينن ۾ قيمت وڌي 130 رپيا وڌي 192 رپيا ٿي وئي، پٽاٽن جي قيمت 7 رپيا وڌي 37 رپين مان 44 تي پهتي، ٽوٽا چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 73 رپيا، سرنهن جي تيل جي قيمت ۾ في ڪلو 147 رپيا اضافو ٿيو

White Broiler Murgi Chickens In A Cage At Retail Supermarket Meat Shop Stock Photo - Download Image Now - iStock

لائف بواءِ صابڻ جي قيمت ۾ 32 رپيا، ڪپڙا ڌوئڻ جي صابڻ جي قيمت ۾ 33 رپيا اضافو ٿيو ، پي ڊي ايم حڪومت ۾ باهه ٻارڻ واريون ڪاٺيون في مڻ 253 رپيا اضافو ٿيو، 11 ڪلو واري ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 1071 رپيا اضافو ٿيو ۽ قيمت 3053 رپيا ٿي وئي، پيٽرول في ليٽر قيمتن ۾ 122 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل في لٽر قيمت 135 رپين جو اضافو ٿي چڪو آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سگريٽن جي قيمتن کي  پر لڳي ويا آهن، گولڊ ليف جو سگريٽن جو پاڪيٽ 500 رپين کان مٿي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، ڪيپ سن سگريتن جو پاڪيٽ به مهانگو ٿي 2 سئو رپين کان وٺي اڍائي سئو تائين پاڪيٽ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جنهن ڪري سگريٽ پيئندڙن پاران دانهون ڪيون پيون وڃن

هي به پڙهندا

ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا شهري ڳڻيا وڃن: پ پ سينيٽرن پاران ڊجيٽل آدمشماري بابت قرارداد تيار: اڄ منظوري ٿيندي