اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم سان اڳوڻي صدر آصف زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات، ملڪ ۾ عام چونڊون نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت ڪرائڻ تي اتفاق، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي جي چونڊ به ملتوي ڪرڻ تي غور، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سان رابطو ڪرڻ تي مشاورت، وزيراعظم معيشت بابت فيصلن تي به اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو، تفصيل موجب  وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ن ليگ سان تعلق رکندڙ بچاءَ جو وفاقي وزير خواجا آصف، اقتصادي مامرن جو وفاقي وزير سردار اياز صادق، ريلوي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، احسن اقبال به موجود هئا، ملاقات ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق ملاقات ۾ ملڪ اندرعام چونڊن ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي ٿيندڙ چونڊن تي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن مطابق اتحادي پارٽين جي سربراهي اجلاس ۾ ملڪ اندر عام چوندون ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت ٿيندڙ تڪبندين تحت ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو،  ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ تي به مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ اها تجويز به سامهون آئي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبائي اسيمبلين جون چونڊون نئين آدمشماري جي نتيجن تائين روڪڻ جي اليڪشن ڪميشن توڙي عدالت کي  درخواست ڪئي وڃي، ڊجيٽل آدمشماري بابت پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ سي سي آءِ جي فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويندو،  رٿابندي جي وزير احسن اقبال اجلاس ۾ ٻڌايو ته 30 اپريل تائين ڊجيٽل آدمشماري جا حتمي نتيجا اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏينداسين. اُن کانپوءِ تڪبندين ۾ وڌيڪ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. ذريعن مطابق ملاقات دوران وزيراعظم معيشت جي بهتري ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ مشڪل معاشي فيصلن بابت اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو، وزيراعظم کين ٻڌايو ته گيس بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، مختلف شعبن جي ٽڪيس ڇوٽ ختم ڪرڻي پوندي،  وزيراعظم جو چوڻ هو ته معيشت جي بهتري لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ ضروري آهن، ذريعن مطابق اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جي سربراهن معيشت جي حوالي سان حڪومتي قدمن جو دفاع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.