اسلام آباد(م ڊ) حڪمران اتحاد آرمي چيف جو معاملو اڪلائڻ بعد پنجاب ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ٽاسڪ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻ لاهور ۾ ديرا ڄمائيندو. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب حڪمران اتحاد پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي هاڻ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت آڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري ڪوششون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن موجب پنجاب مان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي اتحادين جو حڪمران ايندو. ذريعن موجب هاڻ پرويز الاهي جي ڪرسي کي خطرو آهي ۽ اتحادين جي حڪومت آڻڻ جو ٽاسڪ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان مشن جي لاِ هو لاهور ويندو. رپورٽ موجب ان لاءِ مشن لاهور تيار ڪيو ويو آهي. هو ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور ويندو ۽ اتي ئي رهندو ۽ پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو.