نوشهروفيروز(رپورٽر) ابڙان ۽ ان جي آس پاس ڏوهاري سرگرم ٿي ويا، هڪ ڏينهن اندر جوابدار شهرين ۽ ڳوٺاڻن کان 2 موٽرسائڪلون ۽ لکين رپيا ڦر ڪري فرار، ڳوٺاڻي جو 4 سولر پليٽون به لاهي کڻي ويا، ڳوٺ صابن شاهه جي رهواسي نوجوان زميز ڪوري کان 3 هٿياربند موٽرسائيڪل 20 هزار روڪ ۽ موبائل فون کسي ويا ابڙان شهر جي رهوسي نويد احمد چنو کان موٽر سائيڪل موبائل فون 5 هزار ۽ عارف چنو کان 20 هزار موبائل فون ڦورو فري فرار ٿي ويا، ڳوٺ جلال ٽڳڙ جي رهواسي محمد رمضان ٽڳڙ جي گهر مٿان پيل 4 پليٽون چور لاهي کڻي ويا. ٻئي طرف شهرين ۽ ڳوٺاڻن ابڙان پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري ڪنهن روڊ رستي سان گشت ٿي ڪري جنهن ڪري ڏوهاري سرعام مسڪين ماڻهن کان آساني سان گاڏيون پيسا موبائل فون ۽ ٻيو سامان کسي فرار ٿي وڃن ٿا جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن. معاملي جو نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي.