گمبٽ (ن پ ا) سم نالي جو پاڻي گمبٽ ۾ ڪاهي پيو، شهر جي واپڊا ڪالوني، شيخ محلي، ميربحر محلي ۽ ڪسان ڪالونيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، شهري سخت پريشان، انتظاميا غائب، شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت جهٽائي لڳائي ابل واهه ۾پاڻي نيڪال ڪرڻ لڳا. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ هو ته پاڻي تيزيءَ سان مختلف محلن ڏانهن وڌي رهيو آهي. گمبٽ واپڊا ڪالونيءَ ۾ هڪ فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته شيخ محلي، گلشن رحيم، ميربحر محلي ۽ ڪسان ڪالونيءَ ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آهي. رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر انتظاميا پاڻي بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سم نالي جي پاڻي کي روڪي شهر کي  ٻڏڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن قمر عباس سومري ٻڌايو ته کهڙا ۽ گمبٽ مان نيڪال ٿيندڙ پاڻي ابل واهه ۾ وڃي رهيو آهي، جنهن ڪري واهه جي بندن تي پاڻي جو زور وڌي ويو آهي ۽ ابل واهه جو بند ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو. ان بابت اي سي گمبٽ، انجنيئر ايريگيشن ۽ ڊي سي خيرپور کي آگاه ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جلد بند نه ڪرايو ويو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.