ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل حيدري ليجنڊ کٽي ورتو

0
274
ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل حيدري ليجنڊ کٽي ورتو
ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل حيدري ليجنڊ کٽي ورتو

ڪراچي: ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ حيدري ليجنڊ دلچسپ مقابلي بعد نعيم اڪيڊمي کي شڪست ڏئي ڇڏي

حيدري يونائيٽيڊ فٽبال اڪيڊمي ۽ تابش بلوچ جي سهڪار سان عمر بلوچ ڊي گول ميموريل فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيو، جنهن ۾ حيدري ليجنڊز ۽ نعيم اڪيڊمي وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو پر مقرر وقت ۾ ٻئي ٽيمون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ ميچ جو فيصلو پينالٽي ڪڪس ذريعي ڪيو ويو

حيدري ليجنڊز هڪ گول تان مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي

ايونٽ جي پڄاڻي تي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ڪراچي ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو ميمبر تابش اصغر بلوچ ۽ ٻين  رنر ۽ ونر ٽيمن کي ٽرافيز سان گڏ ٻيا کوڙ سارا انعام ڏنا

عابد رضا بلوچ، اڪمل بلوچ، شوڪت بلوچ، عباس، عثمان سميت ڪيترن ئي اڳواڻن پڻ اُن کان اڳ ٿيل معصوم ٻارڙن جي دوستاڻي ميچ دوران گول ڪندڙ ٻارڙن کي انعام ۽ روڪ رقم ڏني