ابراهيم حيدري ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي، 4 مهاڻا ٻڏي ويا

0
382
ابراهيم حيدري ڀرسان

ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري  ويجهو سمنڊ ۾ مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي

مهاڻن موجب ڪاٺين لاءِ ويل مهاڻن جي ٻيڙي ڦٽي ڪريڪ ڀرسان اونڌي ٿي، حادثي ۾ 4 مهاڻا ٻڏي ويا، جڏهن ته ناکو اَڪُو سوڍو پاڻي مان تري پاڻ بچائي ڪناري پهتو

ٻڏي ويل مهاڻن ۾ بلاول ولد محمد چِيرو، نبي بخش ولد شفيع چِيرو ۽ زاهد ولد سليمان چِيرو شامل آهن، جن جي ڳولا جاري آهي

مهاڻي علي حسن چِيرو ٻڌايو ته واقعو گذريل رات پيش آيو، هڪ ڀائٽيو ۽ 2 ڀاڻيجا ٻڏي ويا آهن، پنهنجي مدد پاڻ تحت سندن ڳولا ڪري رهيا آهيون

هن ٻڌايو ته مهاڻن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون توڙي سرڪاري ادارن جا عملدار ٻڏي ويل مهاڻن جي مدد لاءِ ڪو قدم ناهن کڻندا

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس، متاثرن جي طبي معائني جو فيصلو