ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: برازيل ۽ دل حيدري رائونڊ کٽي ورتا

0
190
ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: برازيل ۽ دل حيدري رائونڊ کٽي ورتا
ابراهيم حيدري فٽبال ٽورنامينٽ: برازيل ۽ دل حيدري رائونڊ کٽي ورتا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ابراهيم حيدري ۾ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ ٻن ميچز جو فيصلو، نوجوانن تماشائين کي موهي ڇڏيو. ان ڏس ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان محمد علي شاهه ۽ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي حوالي سان ڪرايل ٽورنامينٽ جي ٻئي ڏينهن 2 ميچز جو فيصلو ٿيو

ٻئي ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ برازيل ٽيم واٽر پمپ يوٿ ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، ايونٽ جي ٽئين ميچ ۾ عاشق حيدري ۽ دل حيدري ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، جنهن دوران دل حيدري عاشق حيدري ٽيم کي هارائي خوب داد حاصل ڪيو

ايونٽ ڪرائيندڙ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته ڊي گول فٽبال ٻئي ڏينهن ئي ڳوٺاڻن کي موهي وڌو آهي، هيءَ ايونٽ 10 ڏينهن تائين جاري رهندو