لاهور (شوبز نيوز)  نامياري گلوڪار ابرارالحق ڪعبي جي غلاف جي تياري ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪئي ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽ موجب ابرارالحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هٿن سان ”ڪيسو“ سبڻ جي هڪ وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ ڳائڻي کي ڪعبي جي غلاف کي سلائيندي ڏٺو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پهرين محرم الحرام تي ڪعبي جو غلاف تبديل ڪيو، جڏهن ته ڳائڻي چادر جي تياري ۾ حصو وٺندي تبديلي جي منظر جي وڊيو شيئر ڪئي. برار لکي ٿو ته جيڪڏهن اڄ منهنجا والدين جيئرا هجن ها ته اهي ڏاڍا خوش هجن ها ته سندن گناهگار پٽ کي الله تعاليٰ هن سال ڪعبي جي نئين چادر تي سون جو ڌاڳو لڳائڻ جي نعمت ڏني آهي.