ائين راند کيڏندا رهندئو ته سنڌ ۾ اليڪشن به کٽي سگهو ٿا:رميز جون ڏاهاڻي سان دلچسپ ڳالهيون

0
1593
ائين راند کيڏندا رهندئو ته

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو نوجوان بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي سنڌ ۾ اليڪشن کٽڻ جي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي

تازو ئي قذافي اسٽيڊيم ۾ پي سي بي پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ رميز راجا شاهنواز ڏاهاڻي کي اسٽيج تي دعوت ڏني ۽ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي

ڳالهه ٻولهه دوران شاهنواز ڏاهاڻي کي رميز راجا وٽ لفافو هٿ ۾ پڪڙيل ڏسي سگهجي ٿو

 رميز راجا چيو جيڪڏهن توهان اهڙي ئي راند کيڏندا رهيا ته مان سمجهان ٿو ته توهان سنڌ ۾ اليڪشن به کٽي سگهو ٿا ڇو ته توهان ايترا مقبول ٿي ويا آهيو

ياد رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جو تعلق سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ سان آهي ۽ هن ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي

انٽرنيشنل ٽي 20 ۾ ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ وٺي ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ پنهنجي وڪيٽن جو کاتو کولي ڇڏيو آهي