گوادر(م ڊ) آرمي چيف چيو آهي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بلوچستان ۾ سي پيڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ گوادر جو دورو ڪيو. جتي هن مقامي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب گوادر جي دوري دوران بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور به موجود هئا. آرمي چيف جنرل عاصم منير کي سيڪيورٽي صورتحال، سي پيڪ سيڪيورٽي ۽ انفارميشن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي زور ڏيندي چيو ته هٿياربند فوج بلوچستان جي ترقي ۽ امن جي قيام جو عزم رکي ٿي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي امن ۽ خوشحالي واري عزم کي ٽوڙي نٿا سگهن. هن چيو ته عوام ۽ فوج امن ۽ خوشحالي کي يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. آرمي چيف عاصم منير بلوچستان جي لاءِ تعليم، سولر سسٽم، ماهيگيري، پاڻي، صحت، راندين ۽ ٻين منصوبن جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف فوج جي سمورين رينڪس جي ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي ۽ بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پيشوارانه عزم سان ڪم جاري رکڻ تي زور ڏنو. جنرل عاصم منير معزز ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.