اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جاري ٿيل آڊيو کي پنهنجي پٽ جي مڃيندي ان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آڊيو درست آهي اها منهنجي پٽ جي ئي آهي پر ان ۾ موقف کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، هن چيو ته مون پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽن لاءِ سفارش ڪئي ته ڪنهن کي ڪهڙو مسئلو آهي. هن چيو ته جن ماڻهن آڊيوليڪ ٺاهي اهي وڏا منافق آهن. منهنجي ٽڪيٽن جي ورهاست جي ڪردار سان ڪو نقصان ٿيو آهي ته ٻڌايو، نجي ماڻهو آهيان سفارش ڪري رهيو آهيان، پئسا وٺندڙ تي لعنت هجي.