آڊيو ليڪ: جيڪڏهن ٽيپ درست آهي ته پوءِ اصل ڪلپ ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟: چيف جسٽس اطهر من الله

0
230
آڊيو ليڪ: جيڪڏهن ٽيپ

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو بابت انڪوائري ڪميشن لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته فرض ڪيو جيڪڏهن آڊيو صحيح به آهي ته پوءِ اصل ڪلپ ڪٿي آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟ ۽ اهڙي تحقيق مان سڀاڻي ڪير به ڪلپ آڻي چوندو ته جاچ ڪيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ٽيپ جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ جي صدر صلاح الدين احمد ۽ جڊيشل ڪميشن جي ميمبر سيد حيدر امام رضوي داخل ڪئي آهي

ٻڌڻي جي شروعات تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو هي درخواست ٻڌڻي جوڳي ڪيئن ٿي؟ ڪنهن جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي؟ توهان جي درخواست حاضر سروس چيف جسٽس جي آڊيو ڪلپ سان لاڳاپيل آهي

عدالت جي پڇڻ تي درخواستگذار چيو ته درخواست موجوده چيف جسٽس بابت نه پر اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آڊيو ڪلپ بابت آهي

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدليه کي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، بار عدليه جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي سوشل ميڊيا بغير ڪنهن ضابطي جي آهي، ان تي درخواستگذار چيو ته اها شيءِ آهي تڪليف ڏيڻ واري آهي ته سوشل ميڊيا تي هي شئي وائرل ٿي ۽ نن تي بحث به ٿي رهيو آهي

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته روز ڪجهه نه ڪجهه هلي رهيو هوندوآهي، توهان ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جاچ ڪرائيندئو؟ اسان پهريان اٽارني جنرل کي اڳڀرائي جو نوٽيس جاري ڪنداسين ۽ هي درخواست ٻڌڻي جي قابل هجڻ تي ڳالهائينداسين، عدالت کي رڳو قانون موجب حقيقتون ڏسڻيون آهن، عدالتي ڪارروائي ۾ ناهي وڃڻو، عدالت کي اهو به ڏسڻو آهي ته ڪو ٻوڏ جو دروازو ته کليي ويندو

درخواستگذار صلاح الدين احمد ايڊووڪيٽ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ٺهراءُ پاس ڪيو ان ڪري عدالت مناسب سمجهي ته ان کي به نوٽيس ڏيئي

ان تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ عدالت توهان جو احترام ڪري ٿي، توهان ڪجهه آڊيو ڪلپس تي ناراض آهيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جي آڊيو ٽيپ رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت ڪنهن وٽ آهي؟ ڇا هُن هِن کي رليز ڪيو يا ڪو م آمريڪا ۾ ويٺل ماڻهو؟ مبينا آڊيو ٽيپ اپيلن جي التوا واري ڪيس سان لاڳاپيل آهي، جن جا ڪيسز ٽيپ سان آهي ان معاملي کي عدالت ۾ آڻڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري

چيف جسٽس سوال اٿاريو ته فرض ڪريو آڊيو به صحيح آهي ته پوءِ اصل ڪلپ ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي؟ اهڙي تحقيق مان سڀاڻي ڪو ڪلپ کڻي ايندو ۽ چوندو پڇا ڳاڇا ڪيو، جنهن بعد  عدالت اٽارني جنرل کي اڳڀرائي جو نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

ثاقب نثار ٻڌائي ته کيس ڪنهن مونکي ۽ نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ لاءِ چيو:  مريم نواز