آڊيو ليڪ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو: الزامن هيٺ آيل ججز استعيفا ڏين:راڻا ثناءَ

0
270

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ مبينا آڊيو ليڪ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ الزامن هيٺ آيل ججن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته  آڊيو ليڪ ۾ جن ججز بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي انهن کي صبر جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءَ چيو ته آڊيو ليڪ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ چيف جسٽس کي مشورو ڏنو ويو ته چونڊن بابت فوري طور فيصلو ڪيو وڃي، ٻڌايو ويو ته لکين ماڻهو مينار پاڪستان جلسي ۾ آيا، فوري طور چونڊن جو چيو ويو

هن چيو ته آڊيو ليڪ ۾ ڪيل گفتگو تي قوم ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي، ڇا مخصوص ججز پنهنجي اولاد ۽ عزيزن جي چوڻ تي فيصلا ڪندا آهن؟، ڇا ججن جا رشتيدار اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا؟، کانئن ڪير پڇڻ وارو ناهي، اهي سموريون حرڪتون انصاف جَي گهرجن جَي ابتڙ آهن

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته  آڊيو ۾ ججن جَي فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ کان آڊيو ليڪ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ ان جي فارينزڪ ڪرائي آڊيو صحيح ثابت ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل ججز کي استعفيٰ ڏيڻ گهرجي