آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو: چيف جسٽس

0
285
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو، جاچ ڪرائڻي آهي ته طريقيڪار سان اچو، توهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪمنامو پڙهيو هوندو، ڳجهين ملاقاتن سان معاملا حل نه ٿا ٿي سگهن، عدليه جي آزاديءَ جو تحفظ ڪنداسين

پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا

ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اٽارني جنرل منصور عثمان انور چيو ته سپريم ڪورٽ جي نظرثاني جا قانون منظور ٿي چڪا آهن، سپريم ڪورٽ جي نظرثاني وارن قانونن جو نفاذ جمعي کان شروع ٿي ويندو

جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي چهري تي مرڪ آئي آهي

چيف جسٽس چيو ته هيءَ عدالت عدليه جي آزاديءَ واري قانون کي لاڳو ڪري ٿي، اسان سمجهون ٿا ته آرٽيڪل 184 ٿـِري جي اختيار وارن ڪيسز ۾ نظرثاني ٿيڻ گهرجي، جج جي جانبداري جو معاملو به اٿاريو ويو آهي، ڪيوريٽو رويو جو معاملو جيڪو توهان اٿاريو آهي ان کي به ڏسي رهيا آهيون، هن ڪيس کي في الحال ملتوي ڪري رهيا آهيون

سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي

هي به پڙهندا

مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙِيل جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي