آڊيو ليڪس جاچ: ڪميشن ڪنهن جج خلاف ڪارروائي نه ڪندي: جسٽس فائز عيسيٰ

0
269

آڊيو ليڪس جڊيشل ڪميشن ڪارروئي پبلڪ ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو

جڊيشل ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪو به حساس معاملو آڏو آيو ته اِن ڪئمرا  ڪارروائيءَ جي درخواست  جو جائزو  ورتو ويندو

 ڪميشن وفاقي حڪومت کي اي ميل ايڊريس  ۽ سمورو مواد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ ڪميشن آڏو پيش ٿيو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڪميشن ڪهڙي قانون تحت جوڙي وئي؟اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪميشن انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 2016ع تحت جوڙي وئي آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن جي ڪارروائي اسلام آباد بلڊنگ ۾ ٿيندي، جن کان انڪوائري ڪرڻي آهي ته انهن ۾ وڏي عمر جون ٻه عورتون به شامل آهن، جيڪڏهن درخواست آئي ته ڪميشن ڪارروائي لاءِ لاهور به وڃي سگهي ٿي

 جڊيشل ڪميشن اٽارني جنرل کي ڪميشن لاءِ اڄ ئي موبائل فون ۽ سم فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  جڊيشل ڪميشن  لاءِ فراهم ڪيل فون نمبر پبلڪ ڪيو ويندو