ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن پاران هڪ هفتي اندر ٺٽي ضلعي جي تعليم کاتي جي 48 جونيئر ۽ سينيئر ڪلارڪن کي ترقي نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٺٽي جي ڊي اي او پرائمري، ايليمينٽري ۽ ڊي اي او سيڪنڊري خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پريس ڪلب ٺٽو ۾ آپڪا سنڌ جي صدر احمد نواز پٺاڻ ، عبداللطيف کتري، تاج حسين بروهي ، سجاد سمون ، راجو قريشي ، سرور بروهي ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 3 سال کان ٺٽي ضلعي جي 27 جونيئر ۽ 21 سينيئر ڪلارڪن سميت تعليم کاتي جي 48 ڪلارڪن کي پروموشن نه پيا ڏنا وڃن.  هنن چيو ته تعليم کاتي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر پاران پڻ ٺٽي جي ٻنهي ڊي اي اوز پرائمري ۽ سيڪنڊري کي لکت ۾ چيو ويو آهي ته هو ڪلارڪن جي پروموشن لاءِ ڊي پي سي ويهاري ڪلارڪن کي سندن پروموشن ڏنا وڃن. هنن چتاءُ ڏيندي چيوآهي ته ٺٽي جي ڊي اي اوز پرائمري(ايليمينٽري) ۽ ڊي اي اوز سيڪنڊري پاران هڪ هفتي اندر قانون موجب ڊي پي سي تشڪيل ڏئي ڊي پي سي ذريعي ضلعي جي تعليم کاتي جي 48 ڪلرڪن کي سندن ترقيون نه ڏنيون ويون ته هو ضلعي جي تعليم کاتي جي ٻنهي ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي اي اي او سيڪنڊري خلاف عدالت ويندا .