“آٽزم” جي آگاھيءَ جو ڏينھن ۽ اسان جا فرض

0
391
“آٽزم” جي آگاھيءَ جو ڏينھن ۽ اسان جا فرض

ھر سال اپريل مھيني جي ٻي تاريخ کي آٽزم جي آگاھيءَ جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آھي. اھو ڏينھن ملھائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ سن 2007ع ۾ منظور ڪيل ھڪ ٺھراءَ وسيلي ڪيو جنھن تحت گڏيل قومن جا رڪن ملڪ ھر سال اھو ڏينھن ملھائيندا آھن. خبر ناھي اسان ڪھڙي دنيا ۾ پليا وڏا ٿيا آھيون جو سٺ سالن جي عمر ٽپي پھريون دفعو خبر پئي آھي تہ اھڙو به ڪو ڏينھن ملھائبو آھي.

                 خير! چون تا تہ ملھائبو به ھوندو. جن سان اھو روڳ لاڳاپيل آھي، اھي فرد، خاندان، ڪٽنب، ڳوٺ، شھر شايد وڌيڪ ڄاڻندا ھجن. مون تہ صرف پنھنجي جاھليت جو ذڪر ڪيو آھي.

                 دنيا ۾ اڄڪلھ آٽزم جو شڪار فردن کي سماجن پاران آڌر ڪرڻ جو رواج پروان چڙھي پيو جو ڊاڪٽر، تحقيقدان، تعليمدان، سماج سڌارڪ اھڙن فردن کي سماج ۾ جوڳو ڪردار ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. سماجن کي گهرن ۾، ڪم جي جڳھن تي، فن ۾ ۽ پاليسي سازيءَ ۾ نہ رڳو تبديلي پر جدت جي ضرورت آھي جيئن آٽزم جھڙي روڳ جا روڳي بہ گهرہ، اسڪولن، ڪم ڪار ۽ سماج ۾ پنھنجي لاءِ آڌر محسوس ڪري سگهن ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهن.

جڏھن دنيا آٽزم جو علاج ڪرڻ بدران اھڙن فردن کي سندن ڪمين ڪوتاھين سميت قبول ڪرڻ ڏي پئي وڃي، سندن بنيادي انساني حق تسليم ڪرڻ جون تحريڪون جنم پيون وٺن پر ھتي وري اھا ڳالھہ بہ ڪبي تہ اسان وارو سماج تہ بنيادي انساني حق اڪثريت جو تسليم ڪرڻ کان عاري آھي تہ ھيءَ ننڍڙي اقليت اھا بہ روڳي ڪھڙي کاتي بيھندي؟

آٽسٽڪ ڊس آرڊر جنھن کي عام طور آٽزم چيو ويندو آھي ھڪ اھڙو پيدائشي دماغي روڳ آھي، جنھن جي متاثر فردن ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جي سماجي سگهہ ڪمزور ھوندي آھي، ان ڪمزوري سبب ھو پنھنجي اردگرد وارن سان دوستي، لھہ وچڙ، ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آھن ۽ انڪري اڪيلائيءَ جو شڪار ھوندا آھن. عام ٻوليءَ، ۾ موڳو ٻار جيڪو پنھنجي عمر ھي حساب سان راند روند، ھڪ جيڏن سان گڏجڻ، اسڪول وغيرہ ۾ جيڏن کان سکڻ، سمجهڻ ۽ گهلڻ ملڻ ۾ پوئتي ھجي.

آٽزم جو شڪار فرد ذھني طور معذور ناھن ھوندا پر سندن فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ھوندي آھي.

“اسپيڪٽرم” ڇا آهي؟

“اسپيڪٽرم” ھجڻ جو مطلب اهو آهي تہان فرد ۾ آٽزم جي بيماريءَ جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. آٽزم جي مرض ۾ ورتل هر فرد پنهنجي ذھني طاقتن ۽ پريشانين جي حساب سان هڪ ٻئي کان منفرد ھوندو آهي. آٽزم جو علامتون وچٿري کان ويندي شديد ٿي سگهن ٿيون، جنهن سبب کيس اسپيڪٽرم چئبو آهي.

جيتوڻيڪ آٽزم جي سڃاڻپ لاءِ ڪي مقرر نشانيون ناهن تنھن ھوندي بہ ھيٺين علامتن جي بنياد تي شڪ ڪري ٻار جي عمر جيپھرين سال ۾ بہ ھي روڳ تشخيص ڪري سگهجي ٿي. جيترو جلد سڃاڻبو، اوترو جلد کيس بھتر ماحول ۽ برداشت فراھم ڪري سماج ۾ گهلڻ ملڻ جھڙو ڪري سگهبو.

آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جون علامتون

ھونءَ تہ آٽزم کان متاثر هر ماڻهو ٻئي کان منفرد ھوندو آهي ۽ ھر فرد ۾ مختلف علامتون ھونديون آھن جيڪي معمولي، وچٿري کان ويندي شديد پڻ ٿي سگهن ٿيون. هيٺ ڄاڻايل حالتون آٽزم جي علامتن ۾ شامل آهن:

سماجي تعلقات کان لنوائڻ

تمام گهٽ ڳالهائڻ يا ٻوليءَ جو نامناسب استعمال

ٻين سان اکيون ملائڻ کان لنوائڻ

سماجي اشارن کي نہ سمجهڻ

ڳالھ ٻولھ مهل هٿن ۽ جسم جا اشارا نہ ڪرڻ

رويا دهرائڻ

دوست نہ بڻائي سگهڻ