آمريڪي ۽ چيني صدر وچ ۾ 7 مھينن کانپوءِ فون تي رابطو

0
419
آمريڪي ۽ چيني صدر

ڪراچي: دنيا جي ٻن طاقتور ملڪن وچ جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جي برف پِـگھرڻ لڳي آھي. امريڪا ۽ چيني صدر وچ ۾ 7 مهينن کانپوءِ فون تي رابطي دوران 90 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

بائيڊن ۽ شِي جِن پنگ ۾ ڪورونا ۽ خطي جي اسٽريٽيجڪ صورتحال سوڌو ٻين اهم مامرن تي ڳالهيون، لاڳاپن ۾ بهتري ۽ گڏيل دلچسپي جي مامرن تي به خيالن جي ڏي وٺ، امريڪا ۽ چين ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق، الزامن ۽ پابندين سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي.