آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

0
349

آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو

پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي مٿانھين اڏام جو سلسلو جاري آھي ۽ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو آھي

انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 5 پئسا مھانگو ٿي 214 رپين جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو آھي ۽ جڏھن تھ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 216 رپين تي وڪرو ٿي رھيو آھي

ياد رھي ان کان اڳ جون ۾ پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر 211 رپيا 48 پئسن جي بلند ترين سطح تي پھتو ھو، ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بھ مندي جو رجحان آھي ۽ 100 انڊيڪس 431 پوائڻٽس گھٽ ٿي 41643 تي ٽريڊ ڪري رھيو آھي