آمريڪي نيوز چينل تي موسم جي خبرن دوران اگهاڙي وڊيو هلي وئي

0
987
موسم جي خبرن دوران اگهاڙي
آمريڪي نيوز چينل تي موسم جي خبرن دوران اگهاڙي وڊيو هلي وئي

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽس موجب هڪ مقامي ٽي وي چينل تي اينڪرپرسن عورت موسم جون خبرون ٻڌائي رهي هئي ته اوچتو اسڪرين تي اگهاڙي وڊيو هلڻ شروع ٿي وئي

رپورٽس موجب ناظرين ذڪر ڪيل چينل تي موسم جون خبرون ڏسڻ بدران اگهاڙي وڊيو ڏسندا رهيا، جيڪا 13 سيڪنڊن تائين اسڪرين تي هلندي رهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موسم جون خبرون ٻڌائيندڙ عورت اينڪرپرسن کي اگهاڙي وڊيو هلڻ جي خبر ئي نه پئي ۽ هوءَ موسم جو حال احوال ٻڌائيندي رهي

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مختلف شهرن مان ماڻهن فون ڪالز ڪري وڊيو هلڻ جون شڪايتون ڪيون آهن. ٽي وي چينل جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعو غلطي سبب پيش آيو ۽ وڊيو کي فوري طور روڪيو ويو. چينل انتظاميا پنهنجي ناظرين کان معافي به ورتي ۽ اهو يقين به ڏياريو ته آئنده اهڙي غلطي نه ورجائي ويندي