ڪابل (م ڊ) آمريڪي فوجي پنهنجا ڪيترائي ڪتا ڪابل ايئرپورٽ تي ڇڏي ويا،   آمريڪي فوج ڪابل ايئرپورٽ تي موجود هيليڪاپٽرز ۽ ٻيو فوجي سامان ناڪارا بڻائي ڇڏيو ته جيئن طالبان استعمال نه ڪري سگهن، آمريڪي سامان سان گڏ فوجي ڪتا به ڪابل ايئرپورٽ تي ڇڏي ويا، جنهن تي جانورن جي حقن جي تنطيمن کين شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڪابل ايئرپورٽ تي آمريڪي فوجي ڪتن جون پنڃري ۾ بند واريون تصويرون به وائرل ٿي ويون آهن.  جانورن جي حقن جي تنطيمن چيو آهي ته آمريڪي فوج ڪتن کي دشمنن هٿان مرڻ لاءِ ڪابل ڇڏي آئي آهي.