فلوريڊا(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي عورت 89 سالن جي عمر ۾ ماسٽرز مڪمل ڪري ورتي. چوندا آهن ته شوق جو ڪوبه مول نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو شوق تعليم حاصل ڪرڻ جو هجي ۽ ان ۾ جستجو ۽ لڳاءُ به شامل هجي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان شوق کي پورو ٿيڻ کان نٿي روڪي سگهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي عورت تعليم جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ آخرڪار 89 سالن جي عمر ۾ ماسٽرز جي ڊگري مڪمل ڪري ورتي. پيرسن عورت ڊانوين آمريڪا جي سدرن نيو هيمپشائر يونيورسٽي مان ڪريٽيورائٽنگ ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ڊانوين موجب هن 16 سالن جي عمر ۾ هاءِ اسڪول مڪمل ڪيو پر هن جي والدين وٽ ايترا پئسا نه هئا تجو هن کي ڪاليج جي تعليم ڏياري سگهي، ان لاءِ هڪ مقامي ڪاليج مان ڪجهه ڪورسز ڪيا پر شاديءَ کانپوءِ هن جي تعليم مڪمل نه ٿي سگهي. آمريڪي عورت ٻڌايو ته مان ٻارن جي گهر کان پري وڃڻ کانپوءِ 84 سالن جي عمر ۾ يونيورسٽي مان 4 سالن بيچلر ڊگري مڪمل ڪئي، ان کانپوءِ سوچيو ته ڇو نه تعليم کي جاري رکيو وڇي ۽ هاڻي آخرڪار ماسٽرز ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي.