لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بيان رد ڪيون ٿا، هي 2022 آهي، آمريڪا جي بدمعاشي جو دور ويو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته آمريڪي صدر جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا، آمريڪا دنيا ۽ انسانيت لاءِ خطرو آهي، ان ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ايٽمي حملو ڪيو هو، اسان آمريڪي خدائي ۽ ان جي حڪمن کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ نوجوانن سان دوکو ڪيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو ڪوڙ ڳالهايو ويو، اصل طاقت ايٽم بم نه اصل طاقت نوجوان آهن، نوجوانن لاءِ حڪومتن وٽ ڪو منصوبو ناهي. سندس چوڻ هو ته هنن حڪمرانن جي ڪري ئي خيبرپختونخواهه ۾ بدامني آهي، صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجا ڳوٺ ۽ وسنديون ڇڏڻ تي مجبور آهن، 22 ڪروڙ عوام کي يرغمال بڻايو ويو آهي، پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو ويو آهي.