آمريڪي شهر آسٽن ۾ فائرنگ، 3 ماڻهو مارجي ويا

0
477

ٽيڪساس (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر آسٽن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي بعد گريٽ هلز ۽ ڪريڪ پارڪ وي ايريا ۾ روڊ رستا بند ڪيا ويا ۽ پوليس علائقي واسين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور جي سڃاڻپ ٿي وئي، جوابدار اسٽيفن نڪلوس قانون لاڳو ڪرڻ واري اداري ۾ جاسوس جي حيثت سان ڪم ڪري چڪو آهي، پر هن وقت تائين هُن گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.