واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي شهري سمنڊ جي گهرائي ۾ 100 ڏينهن گذارڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي پروفيسر ۽ اڳوڻي نيوي ٽوٻي جوڊ ٽوري سمنڊ جي گهرائي ۾ 100 ڏينهن گذاريا پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن ايئن ڇو ڪيو ۽ اهو زنده ڪيئن رهيو. جوڊ ٽوڙي بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ جو ماهر به آهي ۽ مختلف تجربا ڪرڻ جو شوق به رکندو آهي ۽ هن “هوا جو دٻاءُ جيڪو سمنڊ جي سطح کان وڌيڪ آهي” جي تجربي ذريعي اهو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان هاءِ پريشر واري ماحول ۾ رهندڙ انسان جي صحت تي ڪهڙو اثر پوندو آهي. جوڊوٽري آمريڪي رياست فلوريڊا جي سمنڊ ۾ 30 فٽ جي گهرائي ۾ 55 اسڪوائر ميٽر سمنڊ هيٺان ڏينهن گذاريا ۽ تجربو ڪيو. رپورٽن موجب آمريڪي پروفيسر ٻڌايو ته پريشر ۾ رهڻ سان اسان جي ذهني صحت متاثر ٿئي ٿي ۽ دماغ تي هڪ دٻاءُ پوندو آهي.