آمريڪي سائفر انڪوائري: عمران خان ٻيهر ايف آءِ اي وٽ طلب

    0
    84

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سائفر جي جاچ جي سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران

    خان کي 6 ڊسمبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي گهرو وزارت جي حڪم تي آمريڪي سائفر جي معاملي تي جاچ ڪري رهي آهي، جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي جا اعليٰ آفيسر شامل آهن. ايف آءِ اي عمران خان جي ٻيهر طلبي جا سمن جاري ڪيا آهن، ايف آءِ اي آفيسر طلبي جو نوٽيس کڻي زمان پارڪ پهتو، عمران خان کي 6 ڊسمبر تي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ايف آءِ اي ان کان اڳ به عمران خان کي طلبي نوٽيس جاري ڪيو هو پر هو حملي ۾ زخمي ٿيڻ سبب پيش نه ٿيو هو.