آسٽن (م ڊ) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو قومي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي، ٽيڪساس جي گادي واري شهر آسٽن ٽيڪساس اسٽيٽ ڪيپيٽل بلڊنگ ۾ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ثقافت کي سرڪاري طور ملهائڻ جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي سنڌي ثقافت ۽ سڃاڻپ واري تقريب جي منظوري جو اعلان ڪرڻ سميت ڪلچرل ڊي کي سرڪاري طور ٽيڪساس جي رياست پاران تسليم ڪيو ويو آهي. پوري دنيا ۾ رهندڙ سمورا سنڌي ڊسمبر جي پهرين آچر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا آهن پهريون ڀيرو ٽيڪساس جي هائوس آف ريپريزٽيٽوز پاران ان جي منظور ڏني وئي هاڻ ٽيڪساس رياست ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن سرڪاري طور ملهايو ويندو. هن تاريخي ڪم ۾ هيوسٽن جي نمائندي ۽ اسٽيٽ ريپرينزيٽو ڊاڪٽر سليمان لالاڻي سنڌي ڪميونٽي جي اڳواڻن ارسلان ملڪ، اسد علي شيخ، ڪاشف سومرو ۽ بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ زڪيه لالاڻي جون ڪوششون شامل آهن. جڏهن ته پروگرام دوران ڊاڪٽر سلمان لالاڻي هيوسٽن ۾ سنڌي هيريٽيج ميوزم اڏڻ لاءِ به ڪوششون وٺڻ جو واعدو ڪيو آهي. ٽيڪساس اسٽيٽ ڪيپٽل بلڊنگ ۾ ٿيل تقريب ۾ پاڪستان قونصليٽ هيوسٽن جي قونصليٽ جنرل آفتاب چوڌري ۽ ڊپٽي قونصليٽ جنرل عاشر شهزاد ميمڻ، مشهور بزنس مين محي الدين مورائي، معظم ڀنگر، فهد جوڻيجو، عزيز نظاماڻي. فيصل ميمڻ، آڪاش راماڻي، فهيم سڪندر، اعجاز عالماڻي سميت ٽيڪساس جي سمورن شهرن ۾ رهندڙ سنڌي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سنڌ جي مشهور نوجوان راڳي بلال مهيسر سنڌي ٻولي ۾ گيت ڳائي اسٽيٽ ميمبرن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.