ڊاڪٽر پارس نواز

افغانستان جي تازي صورتحال  باشعور ماڻهن کي حيرت  ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪالهوڪا ويري اڄ اتحادي  بڻيل آهن. 1980ع واري ڏهاڪي کان افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهائڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي.پاڪستان ۽ افغانستان جون مذهبي ڌريون سدائين سياسي تبديلي کي روڪينديون رهيون آهن،  اهو سڀ ڪجهه آمريڪا  جي  بي اصول پرڏيهي پاليسين  جو نتيجو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن صلاحڪارن جئڪ سُلوين انٽني بلنڪن ۽  ڪولن ڪال  سدائين  هلندڙ لڙائين  مان بنا دورانديشي جي تڪڙ مان نڪري وڃڻ جو نئون  ڊاڪٽرين سيکاريو آهي.  افغاني عوام وڃي ڌوڙ پائي اسان جو ڇا وڃي؟ اسان ووٽ لاءِ آمريڪي  عوام سان ٻڌل آهيون. باقي افغانستان ۾ مذهبي  اڪثريت لاءِ طالبان راڄ ئي جمهوريت ٿيندو. پڙهيل  ڳڙهيل شهري  اقليت  کي اسان ويهه سال  سٺي سماج جي جهلڪ پسائي آهي ۽ هاڻي پاڻ نظرين جي لڙائي  وڃي ڪن ۽ طالبان جي رحم تي هلندڙ پريشر گروهه  ٿي هلن. چين روس ۽ ايران کي آمريڪا  کي نظر ۾ رکڻو آهي. آمريڪا پناهگير  قومن جو ملڪ آهي پر بنا  واسطن وارا  عام افغان ڪٽنب آمريڪا  ۾ پناهه به نه وٺي سگهندا.

لينن ۽ مارڪس کي استعمال  ڪندڙ روسي قومپرست به افغانستان  کي پرڏيهي ملڪ قرار ڏئي  1989ع ۾  ڀڄي ويا هئا ۽ ڊاڪٽر نجيب الله سميت عام ماڻهن کي بگهڙن جي راڄ ۾  نڌڻڪو ڪيو ويو. لڙائين ۾ عام ماڻهو ڏکائين ۾  ڦاسي وڃن ٿا ۽ دانشور ۽ اديب انهن ماڻهن جي حق جي ڳالهه ئي ڪندا. پر سنڌ ۾ افغان مسئلي جو اثر اهو ٿيو ته پيپلزپارٽي جي سياسي اڳواڻي ۾ هلندڙ سنڌ  ۾ ننڍڙا پريشر گروپ  رومانوي سنڌي قومپرستي  جهڙي “حساس  مسئلي” تي ٻيهر هڪ ٻئي سان وڙهي ڍانگا ٿيا ۽ افغان عوام جي حمايت ڪندڙ  پروفيشنل اسڪالر جو وجهه وٺي پاڻ ۾ اٽڪيا. اها ته سياسي موقعي پرستي چئبي. پريشر گروپ فرانز فينن جي مشاهدي جو مجسمو ٿيا آهن ته  بيٺڪي سماجن  ۾ ڪمزور ماڻهو ٻئي ڪمزور ماڻهوءَ  تي حملو ڪري خوش ٿيندا آهن. عاصم سجاد اختر  نج پروفيشنل اسڪالر آهي ۽  لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ لمس ۾ پڙهائيندو هو ۽ هاڻي قائد اعظم يونيورسٽي ۾  معلم آهي. پر  ان سان گڏ مشغولي طور سياست به ڪندو آهي. هن جي اچڻ سان  پاڪستان جي آخري پساهن ۾ ويل  کاٻي ڌر  جي جسم ۾ ساهه پيو هو. عاصم اليٽ ڪلاس جو فيشني انقلابي آهي ۽ عوامي لباس جو ٻهروپ به ايندو اٿس. اسلام آباد پهچي روپ بدلائي پنهنجو ڪلاس اپنائي ڇڏيندو آهي.  2012ع ۾ مختلف گروهن جو انضمام ٿيو ۽ عوامي ورڪرز پارٽي ٺهي ته  سنڌ ۾  سندن شاخ  کولي وئي جنهن ۾ سيد، پليجو ۽ مهاجر انقلابي گروهن  مان   مايوس ٿيل آزموديگار  ڪارڪن ان پارٽي ۾ شريڪ ٿيا. عاصم سجاد سنڌ ۾ ايندو آهي ته سنڌي کيس جيءُ ۾ جايون ڏيندا آهن ڇو ته عام سنڌي ماڻهن وٽ پڙهيل ڳڙهيل اسڪالرن ۽ سٺن سياستدانن جي اڻاٺ  رهي آهي،  بگهڙ وڏيرا، سرمائيدار  ۽ موقعي پرست لبرل سنڌي  سندن معاشي ڦرلٽ  ڪري کين ترقي ۽ سٺي زندگي کان محروم ڪندا رهيا آهن ۽ مقامي اڌ اکري دانشور  توڙي  سياستدان به خراب سسٽم جو حصو ٿي  سنڌي ماڻهن کي ٺڳي ساڻو ڪندا رهيا آهن. عاصم  سجاد  افغان مسئلي تي  ڊان جهڙي  اخبار ۾  آرٽيڪل لکيو  ته   سندس محور انگريزي ٻولي سمجهندڙ عالمي دنيا  هئي ۽  سنڌ جي پريشر گروپن  جي مفادن جو لحاظ نه ڪيائين ته پريشر گروپن کي ڪاوڙ لڳي. طالبان جي فتح بعد  افغان  پناهه گيرن سان همدردي ڪرڻ معقول دانشوراڻو رويو هو. عوامي  ورڪرز پارٽي جي سنڌ شاخ  عاصم سجاد جو دفاع ڪيو  ۽ سنڌي قومپرستي جهڙي حساس موضوع تي باغي بحث ڪرايا  تن مٿان به  “قومپرست” پريشر گروپ ڪاوڙيا  ڇو جو اهي علمي بحثن جا عادي ڪو نه آهن ۽ سنڌي قومپرستيءَ  کي مذهب  جو مقام ڏياري  ليڊرن جي غلط سياسي پاليسين تي تنقيد جو ماحول برداشت نه ٿا ڪري سگهن ۽ رسول بخش پليجو 1970ع واري ڏهاڪي ۾   بهادري سان اهڙين روين تي تنقيد  ڪئي ته کيس به گاريون کائڻيون پيون هيون ۽ جوابي ڪاروائي ڪئي وئي. سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي آبادڪاري تي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلزپارٽي ڪا سختي نه ڪندي ڇو ته افغانستان پاڪستان جو  پنجون صوبو ئي آهي  ۽ ڀائرن سان ڪهڙا ليکا؟ ٻه ڀائر ٽيون ليکو  وارو سنڌي پهاڪو سنڌ اسيمبلي  وارا حڪمران ۽ حب الوطن پاڪستاني عملدار لاڳو ٿيڻ نه  ڏيندا ۽ پريشر گروپن کي ننڍڙيون مراعاتون ڏئي، سوشل ميڊيا،  روڊن  ۽ پريس ڪلبن تي احتجاجي تحريڪون هلائڻ جي حد ۾ رهڻ ڏنو ويندو.

بهرحال، افغانستان تي ريسرچ مان خبر پئي  ته اڌصديءَ کان  افغانستان  ۾ مسلسل لڙائين ۽ بم ڌماڪن وارو ماحول رهيو آهي، 1933 کان 1973ع تائين  ظاهر شاهه جي بادشاهت هيٺ  امن ۽ آشتي جو دور شروع ٿيو هو. بادشاهت ۾  معاشي اڻبرابريون به ضرور هونديون پر گهٽ ۾ گهٽ پرڏيهي طاقتون افغانستان ۾ داخل ٿي سماج کي بنياد کان اکوڙي نه رکنديون هيون. بادشاهه  1964ع ۾ آئين  ڏنو هو، لبرل ڪلاس ڪابل ۾ پئدا ٿيو هو. 1908ع واري ڏهاڪي ۾  روس ۽ آمريڪا جي مداخلت ڪابل سياست ۾ اٿل پٿل آڻائي ۽ نيٺ  سياسي پولار ۾  1996ع ڌاري طالبان اڀري آيا ۽ اڄ ان حڪومت جو تسلسل ڏسي رهيا آهيون.

ظاهر شاهه واري  پرامن افغانستان  ۾ احمد ظاهر نالي ڀلوڙ موسيقار ٿي گذريو ، جيڪو 1979ع ۾ روڊ تي سفر ڪري رهيو جو  ڪنهن کيس  مٿي ۾ گولي وهائي لاش روڊ تي ڦٽي ڪري ڇڏيس. ان وقت افغانستان ۾  روس جي مدد سان  انقلاب  اچي چڪو هو. احمد ظاهر انقلابي موسيقار هو، فارسي ۽  پشتو ٻولين ۾ گيت ڳائيندو هو ۽  روايتي غزل گو  موسيقار مٿس چٿرون ڪندا هئا ته  اليڪٽرڪ گٽار، ڊرم ۽ بينڊ باجي  تي گانا ٿو ڳائين ۽ اسان وانگر  طبلا ۽ هارمونيئم استعمال ڪندو ڪر.  اسٽيج تي اچي  ڳائيندي ڳائيندي عورتن ڏانهن ڏسي مرڪڻ بند ڪر. اسان سمجهون ٿا ته تو کي منهن تي رکائپ  رکڻ گهرجي ۽  ٻين تي ڪاوڙيل رهڻ گهرجي! ڊاڪٽر خالد حسيني پنهنجي ناول  ڪائيٽ رنر Kite Runner۾ به  کيس وڏي احترام سان ياد ڪيو آهي . ناول جي هيرو عامر آغا جي جنم ڏينهن تي سندس ڪاروباري والد احمد ظاهر کي گهرائي ٿو،  حالتون بگڙيون ته  والد ۽ پٽ عامر 1980ع ۾  آمريڪا ۾  سياسي پناهه ورتي. عامر  آمريڪا ۾  ڪامياب  ناول نگار بڻيو.  38 ورهين ۾ ديس وريو ۽ واپاري  والد جي ڏوهن بخشرائڻ لاءِ نڳي ڀاءُ حسن  جي پٽ سُهراب کي2001 ع ۾  پاڻ سان آمريڪا ۾ پناهه  ٿو ڏياري  ۽  سٺو مستقبل  ٿو ڏياري. ايئن  عامر پاڻ کي باوقار افغان ثابت ڪيو جيڪو ڪنهن کان گهٽ ڪو نه هو.