بيجنگ/تائپي (م ڊ) آمريڪا جي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي اسپيڪر نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري جي ختم ٿيندي ئي چين تائيوان تي حملو ڪري ڏنو. ڪالهه چيني فوج تائيوان تي سڌا راڪيٽ فائر ڪيا. جنهن بعد ڌماڪا به ٻڌا ويا. چيني فوج اعلان ڪيو آهي ته هن علائقي ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ راڪيٽ فائر ڪيا ويندا. فوج موجب اهي فائر ڪيل ميزائل مخصوص علائقي ۾ تائيوان ۾ فائر ڪيا ويا. جيڪي پنهنجي هدف تي رسيا. اهي فائر فوجي مشقن جو حصو آهن جيڪي تائيوان جي 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪيون پيون وڃن. تائيوان جو چوڻ آهي ته اهي ميزائل متسو، ووڪيو، ڊونجن ٻيٽن ويجهو ڪريا، مجموعي طور تي 11 ميزائل فائر ڪيا ويا. ٻئي طرف چين جي تائيوان جي ڀرپاسي هوائي ۽ سامونڊي فوجي مشقن تي تائيواني صدارتي آفيس چيوآهي ته تائيوان پنهنجي سرزمين جي بچاءُ کان پٺتي نه هٽندو، چين طرفان وڌندڙ فوجي خطرن تي تائيوان پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪندو. بيان موجب تائيوان جي ڀرپاسي چين جي فوجي مشقون عالمي جهاز راني جي آزادي  ۾ رنڊڪ آهن. جڏهن ته تائيوان ۾ چيني فوجن طرفان جاري مشقن دوران چيني ميزائل جاپاني حدن ۾ ڪرڻ تي جاپان طرفان احتجاج ڪيو ويو آهي. جاپان جو چوڻ آهي ته چين جا ميزائل جاپان جي حدن ۾ ڪريا آهن، جنهن تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. جاپاني بچاءُ واري وزارت موجب چين طرفان پنج بيلسٽڪ ميزال جاپان جي خاص صنعتي زون ۾ ڪريا آهن. چين طرفان ميزائل اچڻ جو اهو پهريون واقعو آهي.