نيويارڪ (شوبز نيوز)  آمريڪي ماڊل ۽ سوشل ميڊيا اسٽار ڪم ڪارديشن ليڊي ڊيانا جو پاتل تمام خوبصورت ۽ مهانگو لاڪيٽ خريد ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪم ڪارديشن ليڊي ڊيانا جو نيلم ۽ هيرن سان جڙيل  هار‘ خريد ڪيو، جنهن کي ڊيانا ڪيترائي ڀيرا خاص تقريبن ۾ پاتو به آهي.  سوٿيبي ڪمپني طرفان نيلام ڪيل لاڪيٽ ماڊل جي چوڻ تي سندس ترجمان طرفان خريد ڪيو. ياد رهي ته ڪم ڪارڊيشن ان کان اڳ ميٽ گالا ۾ هيرن سان مڙهيل لباس پهريو هو.