امريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به افغانستان ۾ رهي سگهن ٿا: جوبائيڊن

0
285
آمريڪين ۽ اتحادين جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ ٻن ڏهاڪن جِي جنگ کانپوءِ افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري ته ٿيڻي هئي، امريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته افراتفري بنا امريڪي فوج جي واپسي ڪيئن ممڪن هئي؟، امريڪي ٽي وي کي انٽر ويو ۾ چيو ته امريڪا ۽ اتحادين جي واپسي ۾ طالبان جو سهڪار حاصل آهي، امريڪي شهرين جي واپسي مڪمل ٿيڻ تائين امريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به افغانستان ۾ رهي سگهن ٿا.

آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ جوبائيڊن چيو تھ ٻن ڏھاڪن جي جنگ بعد افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري تھ ٿيڻي ئي ھئي، سمجھ ۾ نٿو اچي تھ افراتفري کانسواءِ نڪرڻ ڪيئن ممڪن ھو، آمريڪين ۽ اتحادين جي نڪرڻ ۾ طالبان جو سھڪار حاصل آھي، جڏھن تھ اُتي ڪيترائي سفارتخانا بند ٿي ويا آھن، آمريڪي شھري بھ نڪري آيا پر جن اسان جي مدد ڪئي انھن کي اُتان کان ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.

آمريڪي صدر جو چوڻ ھو تھ سمورن آمريڪين کي ڪڍڻ جي لاءِ آمريڪي فوجي 31 آگسٽ بعد بھ ڪابل ۾ موجود رھي سگھن ٿا.
ياد رھي تھ طالبان 15 آگسٽ 2021 تي افغان جي گادي واري شھر ڪابل تي بھ ڪنٽرول ڪري ورتو ھو، اُتي موجود آمريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سوڌو ڪيترائي اھم حڪومتي عھديدار ملڪ مان فرار ٿي ويا.

ھي به پڙھندا

افغان صدر اشرف غني، نائب صدر سان گڏ افغانستان ڇڏي هليو ويو