آمريڪا 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ملوث هئڻ جي الزام هيٺ گرفتار خديجه شاهه تائين قونصلر رسائي گهري ورتي

0
385

آمريڪا 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ملوث هئڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل خديجه شاهه تائين قونصلر رسائي گهري ورتي آهي

 آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور  تي حملي جي الزام هيٺ فيشن ڊزائينر خديجه شاهه جي گرفتاريءَ واري ڪيس تي نظر رکي پئي وڃي

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  پاڪستاني اختيارين کان خديجه شاهه تائين قونصلر رسائي گهري وئي آهي

پاکستانی حکام سے توقع رکھتے ہیں کہ منصفانہ سماعت کی گارنٹی ہوگی: ترجمان امریکی محکمہ خارجہ کی ہفتہ وار بریفنگ/ فائل فوٹو

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي آمريڪا تي سازشون ڪرڻ وارن الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ويدانت پٽيل چيو ته اهڙا الزام ڪوڙا آهن، ملڪي سياست بابت فيصلا رڳو پاڪستان جو عوام ئي ڪري سگهي ٿو

 خديجه شاهه جي گرفتاري بابت ڳالهائيندي آمريڪي ترجمان چيو ته رازداري جي خدشي سبب انفرادي ڪيس بابت تفصيل ڏئي نه ٿا سگهون، جڏهن به پرڏيهه ۾ ڪو آمريڪي شهري گرفتار ٿيندو آهي ته اسان مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيون

هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستاني اختياريون آزاد ۽ شفاف ٽرائل کي يقيني بڻائينديون، خديجه شاهه وٽ ٻٽي شهريت آهي، ان ڪري هن معاملي ۾ پاڪستان سان سڌي ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين

هي به پڙهندا

خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، هُن جي سڃاڻپ پريڊ هلي رهي آهي: محسن نقوي