مشي گن (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست مشي گن ۾ هڪ مقامي اسٽور 5791 پيڪٽس تي ڪمپني جو نالو لکي گينيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. اسپارٽن نيش، فوڊ ڊسٽريبيوشن ۽ اسٽور ڪمپني جي رضاڪارن اهو رڪارڊ ٺاهيو آهي. ان ڏس ۾ڪمپنيءَ چيو آهي ته ان جي ٽيم گرمين جي انٽرن ۽ رضاڪارن جي ٽيم 5,791 پراڊڪٽ پيڪٽ استعمال ڪري ڪمپني جو نالو ‘اسپارٽن نيش’ لکي رڪارڊ قائم ڪيو.. رڪارڊ جي تصديق ڪرڻ لاءِ گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جو عمل گهرايو ويو هو. ان کان اڳ اهو رڪارڊ هانگ ڪانگ جي هڪ ڪمپني فري فرام فوڊز انٽرنيشنل ايسوسيئيشن وٽ هو. ان ڪمپنيءَ 1111 پيڪٽس استعمال ڪندي اهو رڪارڊ ٺاهيو هو. رڪارڊنگ لاءِ ڪمپني پاران استعمال ڪيل پيڪيٽ هڪ غير منافع بخش تنظيم کي عطيو ڪيا ويا.