آمريڪا ۾ پريڊ دوران هڪ شخص ماڻهن مٿان ٽرڪ چاڙهي ڇڏي

0
572

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ پريڊ جي دوران هڪ شخص ٽرڪ ماڻهن مٿان چاڙهي ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري موجب واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ماڻهن مٿان ٽرڪ چاڙهيندڙ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ جاري آهي، فوري طور تي هي نٿو ٻڌائي سگهجي ته هي حادثو هو يا ڊرائيور ڄاڻي واڻي ٽرڪ ماڻهن مٿان چاڙهيو.