آمريڪا ۾ ٻه جهاز ٽڪرائجي ويا، هڪ تباهه

0
437

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا ۾ ٻه جهاز هوا ۾ ٽڪرائجي ويا، جن مان هڪ ڪري تباهه ٿي ويو، ٻي کي به ڪافي نقصان پهتو، ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪا جي شهر ڊينور جي ويجهو ٻه جهاز فضا ۾ ٽڪرائجي ويا جن مان هڪ ڪري مڪمل طور تباهه ٿي ويو، جڏهن ته ٻي کي جزوي طور تي نقصان پهتو جيڪو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان حوالي سان مقامي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ٻئي جهاز ڊينور ائيرپورٽ کان سليدا ائيرپورٽ اچي ۽ وڃي رهيا هئا، عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثو اسٽيٽ پارڪ جي مٿان پيش آيو، هڪ جهاز ٻنين ۾ ڪري تباهه ٿيو ۽ ٻئي جزوي نقصان پهتو ۽ هن جو پائلٽ حفاظت سان لينڊ ڪرڻ ڪامياب ٿي ويو.