آمريڪا ۾ نينگر جا اُڀا وار سڌا ڪرڻ ناممڪن

0
528

واشنگٽن(دلچسپ نيوز) آمريڪي نينگر جا اُڀا وار ويهارڻ ناممڪن بڻيل آهي. جڏهن هڪ آمريڪي عورت کي معلوم ٿيو ته سندس ٻار “ڪمبيبل هيئر سنڊروم” نالي هڪ ناياب مرض ۾ مبتلا آهي، هن ان بابت آگاهي پکيڙڻ شروع ڪئي. جارجيا جي هڪ عورت ڪيٽلن سيمپل بار بار پنهنجي هڪ سال جي پٽ جا وار سڌا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ ڪڏهن به ڪامياب نه وئي ۽ ٻار جا وار سڌا ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن هو. هوءَ ان بيماريءَ جي نالي کان به واقف نه هئي

هن ٻار جي تصوير انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي ڏسي هڪ شخص چيو ته اهو ٻار ڪمبيبل هيئر سنڊروم ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. پوءِ ماءُ تحقيق ڪئي ۽ سندس شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هاڻي هوءَ ان بابت ڳالهائيندي ۽ شعور پکيڙيندي نظر اچي ٿي. پهرين ته ڪجهه ڊاڪٽرن کي حالت سمجهه ۾ نه آئي ۽ پوءِ ايموري، ائٽلانٽا جي هڪ چمڙيءَ جي ماهر ڊاڪٽرن ان جي تصديق ڪئي. واضح رهي ته “ڪمبيبل هيئر سنڊروم”  هڪ ناياب جينياتي بيماري آهي.اهو مرض عام طور تي ٽن مهينن کان ٽن سالن جي ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو پر ڪجهه ملڪن ۾ 12 سالن جي ٻارن کي ان ۾ مبتلا ڏٺو ويو آهي، جن جا وار تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ويهندا ناهن اُڀا ئي رهندا آهن.